سليمان شاهه لڪياري

سليمان شاهه لڪياري: هي سنڌ جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’ڪافيون‘ موجب سيد سليمان شاهه، لڪياري ساداتن مان هو. موري تعلقي جي پرڻ ڳوٺ ۾ ڄائو، پوءِ لڏي اچي جعفر وڳڻ جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ ان بعد ٻروچ ڏاهري ڳوٺ ۾ رهيو. وڏيءَ همت وارو هر هاري هو ۽ نو لکي واهه تي نار چاڙهيندو هو. پير پاڳاري حزب الله شاهه جو سچو معتقد ۽ حر مريد هو. ڳوٺ کان درگاهه تائين پيادل ويندو هو. سليمان شاهه عبادت ۽ سخاوت ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس طالبن ۽ مريدن مان ميانداد فقير لغاري وڏو درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جي خانقاهه ڪوٽ مير، تعلقي روهڙيءَ ۾ آهي. علي بخش فقير ڏاهري، دودو فقير ڏاهري ۽ ٻيا پڻ سليمان شاهه جي مريديءَ مان درويش ٿيا. سندس 43 ڪافيون مختلف ڪتابن جي قلمي نسخن ۾ آهن.
سليمان شاهه لڪياريءَ، 10 رجب 1313هه/ 27 ڊسمبر 1895ع تي وفات ڪئي. سندس مزار مرزان ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي. سندس ڪافي نموني طور پيش ڪجي ٿي، جيڪا سنڌ جي مشهور راڳي ڀڳت ڪنوررام ڳائي هئي، ان کانپوءِ سنڌ جي ڪيترن ناليوارن ڳائڻن ڳاتي آهي:
ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان،
ڏَس ڪو ڏانءُ
اچ ته پيارل ڪريون پرچاءُ،
ساڻ ’سليمان‘ جي ٿئي سرچاءُ،
لائق ناهيان ته بي تُنهنجڙي آهيان...


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.12.27  عيسوي

سليمان شاهه لڪياريءَ، 10 رجب 1313هه/ 27 ڊسمبر 1895ع تي وفات ڪئي. سندس مزار مرزان ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مشتاق بخاري
امداد حسيني
ادريس عاجز عباسي
حيدر خان ٻروچ
ارجن حاسد
حاجي حقير ابن مڱڻ
خليل لاشاري
پورن هولا رام تيجڀانداس
آريجو غلام عمر غلام
بشير سيتائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون